سئنيما گزيٽ

سئنيما گزيٽ (ماهوار رسالو): هي ماهوار رسالو آڪٽوبر 1934ع کان بيکچند چيلارام واسواڻيءَ جي ادارت ۾ ’امر پريس‘ سکر مان ڇپجي پڌرو ٿيندو هو. فلمي اداڪارائن جي تصويرن ۽ مواد سبب هي رسالو مقبول هوندو هو ۽ هن رسالي جون آسانيءَ سان هزار ڪاپيون کپنديون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو